انساني سمگلنگ جو الزام، صارم برني جي رمانڊ ۾ واڌ جي اپيل رد، جيل موڪلڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت انساني سمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار سماجي اڳواڻ صارم برني جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست رد ڪندي کيس عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
ايف آءِ اي طرفان انساني سمگلنگ ۽ دوکيبازي جي الزام ۾ گرفتار سماجي اڳواڻ صارم برني کي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ايف آءِ اي جاچ آفيسر طرفان جوابدار جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته والده افشين ٻارڙي کي مديحه نالي عورت کي وڪرو ڪيو هو، مديحه ٻارڙي کي ٻي عورت بشريٰ کي وڪرو ڪيو، فيملي ڪورٽ ۾ صارم برني ٽرسٽ ٻارڙي کي لاوارث قرار ڏنو.
جاچ آفيسر چيو ته جوابدار جاچ ۾ سهڪار نه پيو ڪري، سوال جو صحيح جواب نه پيو ڏئي، 20 کان وڌيڪ متاثر آهن، جن جي نشاندهي ڪرڻي آهي پر جوابدار سهڪار نه پيو ڪري.
عدالت ايف آءِ اي جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ٻارڙي حيا کي پالڻ واري ڪيترا پئسا ورتا، جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته جنهن ٻارڙي پالي آهي، ان 3 هزار ڊالر ڏنا آهن، عدالت پڇيو پئسن بابت ڪو ثبوت آهي توهان وٽ، وڪيل ٻڌايو آمريڪي اختيارين کان ڊجيٽل ۽ فنانشل رڪارڊ گهريو آهي.
ايف آءِ اي وڪيل چيو ته ننڍي عمر جي ٻارڙين جو معاملو آهي، ان ڪئميرا ٽرائل ڪيو وڃي، ان ۾ منظم گروهه ملوث آهي، جوابدار جو وڌيڪ هڪ هفتي جو رمانڊ ڏنو وڃي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻارڙين جا حقيقي والدين زندهه آهن؟ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته ٻارڙين جا والدين زندهه آهن، انهن جو عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائينداسين.
جوابدار صارم برني طرفان عامر نواز وڙائچ ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته فيملي سان رابطو ڪيو آهي، هنن چيو آهي ته ٻارڙي اسان پاڻ ڏني آهي، ايف آءِ اي وارا ان ڪيس جي اڍائي مهينن کان انڪوائري ڪري رهيا آهن، جنهن جي ٻارڙي هئي، ان عورت کي ايف آءِ اي وارا بليڪ ميل ڪري رهيا هئا.
صارم برني جي وڪيل چيو ته جيڪو مناسب سوال هوندو جوابدار ان جو جواب ڏيندو، جڏهن ته صارم برني چيو مون وٽ موبائل ۾ شاهديون موجود آهن، مان چيو ملڪ کان ٻاهر آهيان واپس اچي جواب ڏيندس.
عدالت جوابدار کان سوال ڪيو ته جڏهن توهان کي خبر هئي ٻارڙي جا حقيقي والدين زندهه آهن ته ڪوڙ ڇو ڳالهايو، جنهن تي صارم برني چيو ته مون کي خبر نه هئي.
عدالت حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته توهان اداري جا سربراهه آهيو، توهان کي خبر ڪيئن نه هئي، جوابدار طرفان ضمانت جي درخواست به داخل آهي.
عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر کي جوابدار جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي صارم برني کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ چيو ته جوابدار جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي 10 جون تي ٿيندي.

sarimburney karachi fia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.