پاڪ-ڀارت ٽاڪرو، نيويارڪ ۾ تيز برسات جو امڪان

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو مهادنگل آچر ( سڀاڻي) تي نيويارڪ ۾ کيڏيو ويندو.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون ۽ ميچ پاڪستان وقت موجب، رات ڏهين وڳي شروع ٿيندي.
پاڪستان کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ ۾ آمريڪا جي هٿان سپر اوور ۾ اَپ سيٽ شڪست ٿي جڏهن ته ڀارت پنهنجي پهرين ميچ ۾ آئرلينڊ کي اٺ وڪيٽن تان هارايو هو.
مقامي موسميات کاتي طرفان آچر جي ڏينهن نيويارڪ ۾ شديد برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ دوران 51 سيڪڙو برسات جو امڪان آهي، برسات مقامي وقت موجب ميچ شروع ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ پوءِ متوقع آهي.
رپورٽن موجب، جيئن ته پاڪ-ڀارت ميچ ڏينهن جو شيڊيول آهي انڪري امڪان آهي ته برسات جي صورت ۾ واڌو وقت به ڏئي سگهجي ٿو، انڪري برسات جي امڪان باوجود اميد آهي ته ڪرڪيٽ شوقين پوري ميچ ڏسي سگهندا.

T20Worldcup2024 Indiavspakistan Rain

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.