راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کان آفيشل ايڪس اڪائونٽس تان تڪراري پوسٽ ڪيس ۾ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ٽيم اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني کان جاچ ڪري رهي آهي. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني کان سندس وڪيل چوڌري ظهير عباس ۽ انتظار پنجوتا جي موجودگي ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ٽيم پي ٽي آءِ باني کان سندس ايڪس اڪائونٽ پوسٽ ڏيکاريندي جاچ ڪئي.ذريعن موجب جاچ ٽيم ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اياز احمد ۽ سب انسپيڪٽر منيب شامل هئا.واضح رهي ته ايف آءِ اي جي ٽيم ٽيون ڀيرو جاچ لاءِ اڊيالا جيل پهتي آهي، پي ٽي آءِ باني 2 ڀيرا جاچ کان انڪار ڪري چڪو آهي.