ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ في يونٽ بجلي 10 رپيا هڪ پيسو مهانگي ڪئي وئي آهي.
نيپرا ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ جولاءِ 2023 کان مارچ 2024 جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۾ بجلي واهپيدارن کان واڌو اوڳاڙيون جون کان سيپٽمبر 2024 دوران ڪيون وينديون.
ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کان جون ۾ 2 رپيا 68 پيسا في يونٽ، جولاءِ ۾ 3 رپيا 11 پيسا في يونٽ، آگسٽ ۾ 3 رپيا 22 پيسا في يونٽ ۽ سيپٽمبر ۾ هڪ رپيو في يونٽ واڌ اوڳاڙيندي.
واڌ ڪي اليڪٽرڪ جي لائيف لائين ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز تي لاڳو نه هوندي……
You might also like