هاڻي اسان لاءِ ورلڊ ڪپ جو سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو : بابر اعظم

ڊيلس ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جَي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته هڪٻئي پٺيان وڪيٽون ڪرڻ سبب نقصان ٿيو، هاڻي اسان لاءِ عالمي ڪپ جو سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي.
ڊيلس ۾ ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته پهرين 6 اوورن ۾ اسان جِي بالنگ سٺي نه هئي پر پوءِ به اسان واپسي ڪئي.
هن چيو ته بيٽنگ دوران وڪيٽون ڪرڻ سبب مومينٽم وري وڃائجي ويو، ايندڙ ميچن ۾ ڪم بيڪ ڪرڻ جِي ڪوشش ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته اسان کي مڊل آرڊر کي بهتر بڻائڻو پوندو، بالنگ ۾ به بهتري آڻڻ جِي ضرورت آهي.
قومي ٽيم جَي ڪپتان بابر اعظم تسليم ڪيو ته ميچ ۾ ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ آمريڪي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو.

T20WorldCup2024 PAKvUSA BabarAzam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.