سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.
چوٽياريون ٿاڻي جي حد لٽڪو موڙي اسٽاپ تي هٿياربندن دڪان تي ويٺل 40 ورهين جي هارون لغاري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي چوٽياريون پوليس پهچي وئي، مقتول جي وارثن ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ معمولي ڳالهه تان تڪرار ٿيو هو، اڄ سامهون واري ڌر دڪان تي ويٺل هارون لغاري کي گولين هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
sanghar sindh pakistan