خانپور مهر (رپورٽر) خانپور ويجهو پراڻي تڪرار تان بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ نينگر قتل ٿي ويو.
پير بري واري علائقي ۾ بوزدار برادري جي ٻن ڌرين وچ هلندڙ پراڻي تڪرار فائرنگ ٿي پئي، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب 9 ورهين جو نينگر شاهزيب ٿڌي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏهن سندس پيءُ زاهد بوزدار زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي خانپور مهر پوليس پهچي نينگر جو لاش تحويل ۾ ورتو، مقتول نينگر جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال پهچايو ويو.
مقتول نينگر جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان ظالمن شاهزيب کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ زاھد زخمي ٿي پيو آهي، جوابدار گهر تي ڪاهه ڪري فائرنگ ڪئي.
khanpurmahar sindh pakistan