ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام نفرت جي سياست مان مايوس آهي ۽ حڪومت کي پي ٽي آءِ باني بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
پ پ سنڌ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام کي نفرت جي سياست ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي کين پنهنجن مسئلن جي حل ۾ دلچسپي آهي، اسان کي انفارميشن ڊپارٽمينٽ کي پنهنجن مسئلن جو حل پيش ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ڇا نه، هن جا پنهنجا ڪيس آهن هو پاڻ منهن ڏيندو، هي سڀ مڪافات عمل آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي نظر ۾ هي مڪافات عمل آهي، جيستائين حقيقي جمهوري رويو اختيار نه ڪيو ويندو تيستائين نقصان ٿيندو رهندو، تنهنڪري اسان کي پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسان جي مٿان ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ذميواري آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته عوام جون اسان ۾تمام وڏيون اميدون آهن ۽ وڏي وزير ڏکي صورتحال به سامهون رکي آهي ۽ مختلف رٿائن لاءِ وفاقي حڪومت کان پئسا ملڻ گهرجن اِها به غير يقيني آهي پر اسان پوري ڪوشش ڪنداسين ۽ ڄاڻان ٿو ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجو واعدو پورو ڪندو ۽ بجيٽ کان اڳ اِهي مسئلا حل ٿي ويندا.
پ پ چيئرمين چيوته پيپلز پارٽي تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻ اسان سڀ ڏينهن رات محنت ڪنداسين ته جيئن عوام جي اميدن تي پورو لهي سگهون، اسان جا وزير محنت سان ڪم ڪندي نظر اچي رهيا آهن.
هن چيو ته اسان کي پنهنجي منصوبي، بجيٽ ۽ حڪومتي پاليسين تي کليل ڪچهري ۾ عوام جي راءِ وٺي فيصلو ڪنداسين پر اِهو آئسوليشن ۾ نه ٿيڻ گهرجي، اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي پارليامان سان گڏوگڏ عوام کي به وقت ڏيڻو پوندو.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته بدلين ۽ مقررين واري سياست بند ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا ته بهتر ماڻهن جي چونڊ ڪري ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي.
بلاول ڀٽو چيو ته عوام اسلام آباد ۾ جيڪا نفرت جي سياست هلي رهي آهي ان مان مايوس آهي، ۽ سچ اِهو آهي ته پوري ملڪ ۾ اهڙي قسم جي سياست آهي، حڪومت، اسيمبلي ۽ سڀني کي وفاقي سياست بدران عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ سندن آواز بڻجڻ گهرجي ۽ اسان گڏجي سندن مسئلن جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
عمران پنهنجن ڪيسن کي پاڻ منهن ڏيندو، حڪومت کي عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: بلاول
You might also like