پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي چين جي دوري دوران پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن.
معاهدن ذريعي زراعت، آءِ ٽي، موبائلز، دوائن، سافٽ ويئرز ۽ فائبز سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ٿيندي.
سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپاري واري وزير دوري دوران چيني ڪمپنين جي سربراهن سان ملاقاتون ڪيون، ان موقعي تي چيني ڪمپنين پاڪستان سان گڏ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري تي دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون.
وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته بزنس ٽو بزنس سرگرمين ۾ چيني ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪنداسين، حڪومت صرف سهولتڪار آهي، سيڙپڪاري لاءِ بجي شعبي کي مڪمل فري هينڊ ڏينداسين.
هن چيو ته توانائي، انفراسٽڪچر ڊويلپمنٽ، فارمنگ، انجنيئرنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ لاجسٽڪ جي شعبن ۾ به سيڙپڪاري ٿيندي، سيڙپڪاري لاءِ هوٽلنگ، ٽورازم، ڪلچر، اسپورٽس، گڊز، ٽيڪسٽائل، ڊيڪوريشن انڊسٽري ۽ ايئرپورٽ ڊيزائننگ شامل آهي.

PakChina CPEC ShahbazSharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.