گورنر جون گاڏيون بند ڪري گورنر هائوس مان ڪڍي ڇڏيندس: گنڊاپور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته گورنر جون گاڏيون بند ڪري کيس گورنر هائوس مان ڪڍي ڇڏيندس.

پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته گورنر ۽ ان جو ليڊر ٻئي چور آهن، گورنر جون گاڏيون بند ڪري کيس گورنر هائوس مان ڪڍي ڇڏيندس، گورنر جي حيثيت سان اهو اسان ٽنهي ڀائرن کان هارائي ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ خيبرپختونخواهه جا منصوبا ختم ڪرڻ ڪم ظرفي آهي، اسان پنهنجو حق وٺڻ ڄاڻون ٿا ۽ احتجاج لاءِ تيار آهيون.

گنڊاپور ٻڌايو ته نااهل حڪمرانن کان ملڪ نٿو هلي، اهي اسانجي مٿن تي سوار آهن ۽ اسان کين لاهڻ چاهيون ٿا، اسان جهيڙو نٿا چاهيون پر پنهنجو حق گهري رهيا آهيون، بلاول ڀٽو زرداري کي ڪنهن بنياد تي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا ملي هئي قوم کي ٻڌايو وڃي.

Pakistan KPK Gundapor

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.