ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موٽروي پوليس آرٽلري ميدان مان کسيل گاڏي لياري ايڪسپريس وي تان هٿ ڪري ورتي.
گاڏي رات 2 وڳي ڦر ڪئي وئي جنهن کي ناڪابندي ڪري هٿ ڪيو ويو.
موٽروي پوليس گاڏي جو پيڇو ڪيو ته جوابدار گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا.
پوليس گاڏي کي تحويل ۾ وٺي اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏي جنهن تي گاڏي مالڪن ٿورا مڃيا.