عوام مودي کي رد ڪري ڇڏيو، ڳجها ادارا ۽ اڌ عدليا به اسان جي خلاف هئي: راهول گانڌي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي چيو آهي ته ڀارتي عوام مودي جي بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو، ڳجها ادارا ۽ اڌ عدليا به اسان جي خلاف هئي.
نيوز ڪانفرنس ۾ راهول گانڌي چيو ته ڪانگريس اليڪشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اسان سڄي رياستي مشينري خلاف اليڪشن وڙهي، مودي چيف منسٽر کي جيل ۾ وڌو، اسان جو بئنڪ اڪائونٽ سيز ڪيو ۽ پارٽيون به ٽوڙيون.
هن چيو منهنجي دماغ ۾ هو ته ڀارتي عوام پنهنجي حق لاءِ بيهندو، مان سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته توهان ملڪ بچائڻ لاءِ پهريون قدم کنيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪانگريس ڀارت کي هڪ نئون ويزن ڏئي ڇڏيو آهي، غريب عوام آئين کي بچائي ورتو آهي، جيڪي به واعدا ڪيا هئا اسان انهن کي پورو ڪنداسين.

rahulgandhi narendramodi india

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.