آءِ بي اي-سي اي اي پاران ”پاڪستان ۾ تڪرارن جي حل جو مستقبل“ جي عنوان هيٺ مذاڪرو

اسلام آباد (پ ر) انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي جي ميزباني هيٺ سنگاپور انٽرنيشنل ٽياڪڙي سينٽر (ايس آءِ ايم سي)، ڪمرشل لا ڊيولپمينٽ پروگرام (سي ايل ڊي پي)، يو ايس ڊپارٽمينٽ آف ڪامرس جي گڏيل سهڪار سان سيمينار ٿي گذريو جنهن جو عنوان پاڪستان ۾ تڪرارن جي حل جو مستقبل هو، سيمينار ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بينڪنگ اينڊ فائنانس (اين آءِ بي اي ايف) اسلام آباد ۾ ٿيل ٽياڪڙي ۽ گرين اي ڊي آر تي ٿيل ڪنوينشن تي ڌيان ڇڪايو ويو.

تقريب ۾ مقبول قانوني ماهرن، موسمي تبديلي جي وڪيلن ۽ اهم اسٽيڪ هولڊرز پاڪستان ۾ تڪرارن جي حل جي مستقبل بابت ٽياڪڙي ۽ جٽادار طريقن تي بحث ڪيو.

هن اهم ۽ معلوماتي سيمينار جي شروعات ڊائريڪٽر آءِ بي اي-سي اي اي ۽ ايس آءِ ايم آءِ تصديق ٿيل ٽياڪڙي ڪندڙ ڪامران بلگرامي جي تقرير سان ٿي.

يو ايس ڊپارٽمينٽ آف ڪامرس جي ڪمرشل لاءِ ڊيولپمينٽ پروگرام سي ايل ڊي پي جي اٽارني ايڊوائزر ايڪ آئيز آمريڪي سرڪار جي پاڪستان اي ڊي آر مهم ۾ سهڪار تي ويچار ونڊيا.

تنهن کانپوءِ اي آءِ ايم سي ۾ ليگل ڪائونسل سڌارٿ جها ٽياڪڙي بابت سنگاپور ڪنيونشن جي تفصيلي وضاحت ڪئي.

پاڪستان ۾ سنگاپور جي قونصليٽ جنرل امين لاکاني ڪنوينشن جو مقصد ٻڌايو جڏهن ته آءِ بي اي ڪراچي ۾ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ايس اڪبر زيدي آءِ بي اي اي ڊي آر انٽرنيشنل سينٽر (آءِ بي اي، اي ڊي آر آءِ سي) طرفان آءِ بي اي جي قدم اي ڊي آر ۽ پاڪستان ۾ اي ڊي آر جي مستقبل بابت پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.

سيمينار ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها هئي ته آءِ بي اي، اي ڊي آر آءِ سي ۽ پاڪستان جي منسٽري آف لا اينڊ جسٽس، ڊائريڪٽوريٽ ليگل ايجوڪيشن، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ اسلام آباد بار ڪائونسل وچ ۾ يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون.

سيمينار جي ٻئي حصي ۾ گرين اي ڊي آر ۽ پائيداري تي ويچاريو ويو.

آءِ بي اي، اي ڊي آر آءِ سي ۽ ايس آءِ ايم آءِ تصديق ٿيل ٽياڪڙ جي اٽارني ايڊوائيزر سيد بلنت سهيل گرين اي ڊي آر جي خيال جو تعارف ڪرايو ۽ بنيادي اصولن سميت ماحولياتي فائدا بيان ڪيا.

سيشن ۾ ڪلائميٽ چينج ۽ اي ڊي آر تي پينل مباحثو ٿيو جنهن ۾ ناميارن ماهرن ڪلائميٽ چينج جو ماهر علي توقير شيخ ۽ آمريڪا ۾ فلبرائيٽ ۽ ٽياڪڙي جو ماهر ڊاڪٽر جو ڊي لا گارزا چيٽلڪ شامل هئا جڏهن ته هيڊ آف ليگل ايس اي سي پي مظفر احمد مرزا، چيف ليگل ڪائونسل جيز سائما ڪاملا خان، سي ايل او سپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي اقرا مشتاق، سي ايل او زونگ ڊاڪٽر مبين شاهه،، وڪيل صباح فاروق ۽ ڪلائميٽ چينج ماهر بئريسٽر زنيرا فياض پڻ شامل هئا.

پينل بحث ۾ پاڪستان ۾ موسمي تبديلي جي اثرن کي حل ڪرڻ، قانوني تڪرارن جي حل لاءِ ميڪانيزم جوڙڻ سميت گرين اي ڊي آر اختيار ڪرڻ بابت ويچاريو ويو.

پينل مباحثي ۾ مختلف کاتن جي سربراهن ڪلائميٽ چينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي حصيداري کان آگاهي ڏني.

مختلف پينلز ۾ گرين ٽيڪنالاجي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اي آءِ جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ويو. ماحولياتي چئلينجز کي مناسب انداز ۾ حل ڪرڻ لاءِ موجوده قانونن کي وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق راءِ نظر آئي.

ان کانسواءِ مباحثن ۾ الٽرنيٽو ڊسپيوٽ ريزوليوشن (اي ڊي آر) جي طريقن لاءِ خاص ٽريبيونلز جي قيام تي زور ڏنو ويو.

سيمينار جي پڄاڻي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن اعليٰ عدليه جي ٽياڪڙي جي حوالي سان موقف کي پيش ڪيو. هن سنگاپور ڪنيونشن جي روشني ۾ ان حوالي سان پاڪستان ۾ هاڪاري اڳڀرائي جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن تي اڳ ئي عملدرآمد لاءِ مشقون شروع ڪيون ويون آهن. پنهنجي دليلن ۾ مختلف فيصلن جا حوالا پڻ ڏنا.

خاص مهمان ۽ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس سيد منصور علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ انصاف جي نظام ۾ ٽياڪڙي جي اثرن تي زور ڏنو. هن 24 لک التوا هيٺ ڪيسن جو انڪشاف ڪندي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته ضلعي سطح تي هر مهيني 68 هزار نوان ڪيس فائيل ٿي رهيا آهن. ان حوالي سان هن ڳالهين، ٽياڪڙي ۽ عمل جي تسلسل ڏانهن اشارو ڪيو ۽ عدالتن کي آخري ذريعو قرار ڏنو.

بحث ۾ سجاڳي ۽ تربيت جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ويو ۽ تڪرارن جي متبادل حل جي طريقن ۾ تبديلي تي زور ڏنو ويو.

سي او او ايڪوپاڪ پرائيويٽ لميٽڊ ۽ آءِ بي اي المني اسلام آباد چيپٽر جي صدر شريڪ ٿيلن ۽ انتظام ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.

سيمينار جي پڄاڻي تي آيل مهمانن کي چانهه پياري وئي ۽ هڪ ٻئي سان رابطن جو موقعو ڏنو ويو.

سيمينار ٽياڪڙي ۽ پاڪستان ۾ تڪرارن جي حل ڏانهن اهم اڳڀرائي ثابت ٿيو ۽ قانوني حڪمت عملي لاءِ پڻ ماحول تيار ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.