اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آءِ اي) جي نجڪاري لاءِ 6 ڪمپنين پري ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
نجڪاري واري وزير عبدالعليم خان جي سربراهي ۾ نجڪاري ڪميشن بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عبدالعليم خان چيو ته خساري ۾ هلندڙ سڀني ادارن جي شفاف ۽ تيز نجڪاري يقيني بڻائينداسين.
هن هدايت ڪئي ته نجڪاري جو عمل ميڊيا تي سڌي ريت ڏيکاريو ته جيئن ڪنهن کي ڪو اعتراض نه رهي.
سندس چوڻ هو ته نجڪاري ۾ حصو وٺندڙ ادارن جي ٽيڪنيڪل ۽ مالياتي استحڪام کي ضرور نظر ۾ رکنداسين.
pia aleemkhan pmln