سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم ٿيڻ تي عمران خان جو ردعمل اچي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم ٿيڻ تي چيو آهي ته سڀئي ڪيس ڪوڙا آهن، سڀني ڪيسن کي منهن ڏيندس ۽ ڪامياب ٿيندس.
عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ قانوني ٽيم جي ميمبرن خواجا حارث، انتظار پنجوٿا ۽ شاهه فيصل ايڊووڪيٽ ملاقات ڪئي.
ملاقات جي حوالي سان انتظار پنجوٿا چيو ته قانوني ٽيم جي ملاقات سپريم ڪورٽ نيب ترميمن جي ڪيس جي سلسلي ۾ ٿي ۽ عمران خان کي سائفر ڪيس جي فيصلي بابت ٻڌايو.
سندس موجب پي ٽي آءِ باني چيو ته سڀئي ڪيس ڪوڙا آهن، سڀني ڪيسن کي منهن ڏيندس ۽ ڪامياب ٿيندس.
واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کين آجو ڪري ڇڏيو.

imrankhan pti shahmehmoodqureshi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.