ورلڊ ڪپ ۾ ٽيمن تي ڊالرن جي برسات، هر ٽيم کي ڪيترا پئسا ملندا؟

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل ( آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جي فاتح ٽيم کي ملڻ واري انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
9 کان 12 پوزيشن جي ٽيمن کي 2 لک 47 هزار 6 سو ڊالرز ۽ 13 کان 20 تائين جي پوزيشن جي ٽيمن کي 2 لک 25 هزار ڊالر ملندا.
سيمي فائنل هارائڻ واري ٽيم کي 7 لک 87 هزار 5 سو ڊالر ڏنا ويندا جڏهن ته سپر 8 مرحلي کان ايندڙ مرحلي لاءِ ڪوليفاءِ نه ڪندڙ ٽيمن کي 3 لک 82 هزار 5 سو ڊالرز ملندا.
آءِ سي سي موجب مئچ کٽڻ واري هر ٽيم کي 31 هزار هڪ سو 54 ڊالر واڌو ڏنا ويندا.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جي رنر اپ ٽيم کي 12لک 80 هزار ڊالرز ( 35 ڪروڙ رپيا) ملندا.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم 24 لک 50 هزار ڊالرز 70 ڪروڙ رپين جي حقدار هوندي.
T20WorldCup2024 ICC America

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.