علي امين گنڊاپور وفاق کي نئين ڌمڪي ڏئي ڇڏي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي فوري طور پئسا نه مليا ته وفاق ردعمل لاءِ تيار رهي.
صوبائي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته وفاقي بجيٽ کانپوءِ اسان جي بجيٽ ۾ ڪا شئي گهٽ نه ٿيندي پر اسان جي بجيٽ ته وڌندي، هلندڙ سال بجيٽ تجويزن تي عملدرآمد ڪيو ويندو.
هن چيو ته اڳوڻي فاٽا جا ماڻهو سوال ڪن ٿا پئسو ڪاڏي ٿو وڃي، مان ڇا چوان ته پئسو ڪير کائي رهيو آهي؟ قبيلائي عوام اڃا تائين قربانيون ڏئي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻڌايو وڃي امن ڪيئن قائم ٿيندو؟ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مختص رقم مان هڪ پئسو ناهي مليو، فوري طور تي پئسا نه مليا ته وفاق ردعمل لاءِ تيار رهي.

aliamingandupur kpk pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.