ڀارتي سپر اسٽار سلمان خان جي فين پنهنجي محبت جو اظهار ڪرڻ ۽ شادي جو پروپوزل کڻي سندس فارم هائوس پهچي وئي، جنهنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب دهلي سان تعلق رکن واري 24 ورهين جي ڇوڪري پنويل ۾ واقع سلمان خان جي فارم هائوس پهچي وئي، جنهن جو چوڻ هو ته هو سلمان خان کي بي حد انتها چاهيندي آهي ۽ ان سان شادي جي خواهشمند آهي.
سلمان خان کي چاهيندڙ ڇوڪري سندس سان ملڻ لاءِ فارم هائوس پهتي پر دبنگ خان پنهنجي هائوس تي موجود نه هو.
ياد رهي ته اڄڪلهه ڀارتي بزنس ٽائيڪون اننت مڪيش امباڻي جي پٽ اننت امباڻي جي پري ويڊنف فيسٽيويز لاءِ ڀارت کان ٻاهر آهي.
Salmankhan India bollyWood