ميڪسيڪو ۾ تاريخ رقم، پهريون ڀيرو عورت صدر چونڊجي وئي

ڪلائوڊيا شين بام لاطيني آمريڪي ملڪ ميڪسيڪو ۾ پهرين عورت صدر چونڊجي تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.
هڪ عورت جي اهڙي عهدي تي ڪاميابي ان لحاظ کان ئي اهم آهي ڇو ته سندس ملڪ گهڻي ڀاڳي تي ڏوهي ۽ صنفي بنيادي تي تشدد جو شڪار آهي.
ڪلائوڊيا شين بام جي ڪاميابي بعد سندس حامين جهنڊا کڻي جشن ملهائيندي ميڪسيڪو سٽي جي مرڪزي چوڪ يت مارياچي ميوزڪ ڳائي ڊانس ڪئي.
ان موقعي تي وڪٽري اسپيچ ڪندي نئين چونڊيل عورت صدر چيو ته مان ميڪسيڪو جي لکين عورتن ۽ مردن جي شڪريو ادا ڪرڻ ٿي چاهيان جن تاريخي ڏينهن تي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
ماڻهن جي مجوعي سان مخاطب ٿيندي هن چيو ته مان پنهنجي عوام کي مايوس نه ڪنديس.
61 ورهين جي ڪلائوڊيا شين بام پيشي جي لحاظ سان هڪ سائنسدان آهي، جيڪا ميڪسيڪو سٽي جي ميئر به رهي چڪي آهي.

president macsico america

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.