ب فارم لاءِ ڪيتري فيس ۽ ڪهڙا ڪاغذ گهربل؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ب فارم يا ٻارن جي رجسٽريشن هڪ قانوني سڃاڻپ جو ثبوت آهي جيڪو ٻار کي پنهنجي عمر ثابت ڪرڻ ۽ بنيادي خدمتن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل آهي جيئن ته طبي امداد، تعليم ۽ ٻيا قانوني معاملا به حل ڪري سگهجن.

پاڪستان ۾ نادرا کي چائلڊ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ (CRC) ب فارم جاري ڪرڻ جو اختيار آهي.

هي دستاويز ٻار کي سرڪاري رڪارڊ سان رجسٽر ڪري ٿو ۽ اهو ٻار جو بنيادي حق سمجهيو ويندو آهي ته هو پنهنجي ڄمڻ واري جاءِ تان اهو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري.

تازو نادرا ب فارم جي عمل کي منظم ڪيو آهي ان کي سولو بڻائڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويا آهن.

پاڪستان ۾ جديد ب فارم جي فيس 50 رپيا آهي.

جيڪڏهن توهان ايگزيڪيوٽو سروس حاصل ڪندا ته نادرا 500 رپيا چارج ڪري ٿو.

فارم ب لاءِ اپلائي ڪرڻ لاءِ، توهان کي ٻار جي ڄمڻ واري سرٽيفڪيٽ سان گڏ نادرا آفيس ۾ وڃڻو پوندو.

والدين يا سرپرست کي ٻار سان گڏ نادرا آفيس ۾ وڃڻ گهرجي، جيڪڏهن والدين مان ڪو هڪ آهي ته درخواست جي تصديق گزيٽيڊ آفيسر يا عوامي نمائندي طرفان ٿيڻ گهرجي.

سڃاڻپ ڪارڊ لاءِ ٻار جو موجود هجڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏهن اهي 10 سال يا ان کان مٿي آهن، انهن جي تصوير ۽ آڱرين جا نشان ورتا ويندا.

NadraBform NadraPakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.