ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪهڙا قانون لاڳو هوندا؟

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2024 شروع ٿيڻ ۾ باقي 2 ڏينهن بچيا آهن جنهن لاءِ سموري دنيا جي مداحن جو جوش ۽ جذبو پنهنجي عروج تي پهتل آهي.
ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جون گهڻي قدر ميچون ويسٽ انڊيز ۾ کيڏيون وينديون پر پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ جي ميگا ايونٽ جي مقابلن جي ميزباني آمريڪا به ڪندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون نائون ايڊيشن 2 کان 29 جون تائين ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾شيڊيولڊ آهي جنهن ۾ 20 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.
هن ٽورنامينٽ ۾ ڪهڙيون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، ميچن جو شيڊيول ڇا آهي سميت اڄ اسان اوهان کي ٽي ٽوئنٽي عالمي سان جڙيل اهم معلومات بابت آگاهه ڪنداسين.
ٽورنامينٽ ڪهڙي فارميٽ تحت کيڏي ويندي؟
ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ روايتي فارميٽ تحت ٽن رائونڊن تي ٻڌل هوندو، ٽن رائونڊن ۾ گروپ مرحلو، سپر ايٽ ۽ آخر ۾ ناڪ آئوٽ يعني سيمي فائنل ۽ فائنل شامل آهن.
ان سلسلي ۾ ٽورنامينٽ ۾ شامل 20 ٽيمن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، هر گروپ ۾ پنج ٽيمون آهن جيڪي پهرئين مرحلي ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون، هر گروپ مان ٽاپ ٻه ٽيمون سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ ٽيمن جا پاڻ ۾ مقابلا ٿيندا جنهن مان ٽاپ چار ٽيمون آخري مرحلي يعني ناڪ آئوٽ اسٽيج ۾ پهچنديون جتي ٻه سيمي فائنل ۽ وري فائنل کانپوءِ ميگا ايونٽ جي فاتح جو فيصلو ٿيندو.
هن ڀيري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي گروپ اي ۾ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ روايتي حريف ڀارت کانسواءِ ڪئناڊا، آئرلينڊ ۽ آمريڪا جون ٽيمون شامل آهن.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ميچون ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿينديون ۽ ڪيئن ڏسي سگهبيون؟
جيئن تي ورلڊ ڪپ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿي رهيو آهي انڪري ڪجهه ميچون ڏينهن جو ۽ ڪجهه شام/رات جو کيڏيون وينديون ته جيئن مختلف ملڪن جا مداح پنهنجي سهولت موجب ميچون ڏسي سگهن.
گروپ مرحلي ۾ پاڪستان ٽيم جي پهرين ميچ مقامي وقت موجب رات ساڍي ستين وڳي جڏهن ته باقي ٽئي ميچون ساڍي اٺين وڳي شروع ٿينديون.
جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهتو ته اِهو سيمي فائنل 27 جون تي کيڏيو ويندو، جڏهن ته پاڪستان ۾ ٽورنامينٽ جا نشرياتي حق ٽين اسپورٽس وٽ آهن.
ٽورنامينٽ جو شيڊيول
هن ٽورمانيٽ ۾ فائنل سميت ڪُل 55 ميچون کيڏيون وينديون، پهريون مرحلو 2 جون کان 18 جون تائين جاري رهندو.
پاڪستان جي پهرين ميچ ڇهه جون تي آمريڪا خلاف رٿيل آهي، جنهن کانپوءِ ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ-ڀارت ميچ نوَ جون تي کيڏي ويندي.
پاڪستان جي ٽئين ميچ ڪئناڊا خلاف 11 جون تي شيڊيولڊ آهي، جڏهن ته گروپ مرحلي ۾ پاڪستان پنهنجي آخري ميچ 16 جون تي آئرلينڊ خلاف کيڏندو.
سپر ايٽ مرحلو 19 کان شروع ٿيندو ۽ 25 جون تائين جاري رهندو جنهن کانپوءِ ٽورنامينٽ جون سيمي فائنلسٽ ۽ فائنلسٽ ٽيمون سامهون اينديون، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سيمي فائنل 27 جون ۽ فائنل 29 جون تي کيڏيو ويندو.
ميچون ڪهڙن شهرن ۾کيڏيون وينديون؟
پاڪستان پنهنجي گروپ مرحلي جون سموريون ميچون آمريڪا ۾ ئي کيڏندو، پهرين ميچ ٽيڪساس رياست جي شهر ڊيلس جي گرينڊ پروري اسٽيڊيم ۾ شيڊيول آهي، ٻين ۽ ٽين ميچ لاءِ نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي چونڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته آخري ميچ فلوريڊا جي لاڊر هِل جي سينٽرل بروورڊ پارڪ ۾ کيڏي ويندي.
نسائو ڪائونٽي اسٽيڊيم ۾ لانگ آئلينڊ ۾ واقع آهي، هي هڪ عارضي اسٽيڊيم آهي جيڪو خاص طور ٽورنامينٽ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 34 هزار تماشائين جي ويهڻ جي گنجائش آهي، هن اسٽيڊيم ۾ جنهن پِچن تي ميچون کيڏيون وينديون اِها آسٽريلوي مٽيءَ مان تيار ڪيون ويون آهن.
ويسٽ انڊيز جي جن اسٽيڊيمز ۾ ميچون ٿينديون تن ۾ اينٽيگوا ۽ باربوڊا جو سر ويوين رچرڊز اسٽيڊيم، سينٽ لوشيا جو ڊيرن سيمي اسٽيڊيم ۽ آرنوس وهلي اسٽيڊيم، ڪنگز ٽائون به شامل آهي.
ان کانسواءِ ٽورنامينٽ جو هڪ سيمي فائنل ٽرينيڊاڊ جي برائن لارا اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٻئي سيمي فائنل جي ميزباني گيانا جي پروويڊنس اسٽيڊيم جي حصي ۾ آئي آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو فائنل بارباڊوس جي تاريخي ڪنگسٽن اوول جي ميدان تي ٽورنامينٽ جي ٻن بهترين ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪهڙا قانون لاڳو هوندا؟
هن ٽورنامينٽ ۾ پهريون ڀيرو ” اسٽاپ ڪلاڪ “ جو هڪ نئون قانون متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته بالنگ ٽيم کي هڪ اوور ختم ٿيڻ بعد 60 سيڪنڊن اندر ٻيو اوور شروع ڪرڻو پوندو.
آءِ سي سي جي ترتيت ڏنل قانون پٽاندڙ غيرمعمولي حالتن کانسواءِ هر ميچ 3 ڪلاڪ 10 منٽن اندر ختم ٿيڻ گهرجي، جنهن جو مطلب اِهو آهي ته هر اننگز لاءِ هڪ ڪلاڪ 25 منٽن جو وقت هوندو جڏهن ته ويهه منٽن جي اننگز بريڪ هوندي.
هر اننگز جا شروعاتي ڇهه اوور پاور پلي هوندا، يعني ان دوران فيلڊنگ جي حوالي سان پابنديون هونديون، هر ٽيم وٽ ميچ دوران ٻه ريويوز يعني امپائر جي فيصلن کي چئلينج ڪرڻ جا موقعا هوندا.
ميچ ٽاءِ/برابر ٿيڻ جي صورت ۾ سپر اوور ذريعي نتيجي جو فيصلو ڪيو ويندو، يعني هر ٽيم کي ڇهه بال کيڏڻا پوندا، جيڪڏهن سپر اوور به برابريءَ تي ختم ٿيو ته نتيجي لاءِ سپر اوور ٻيهر کيڏيو ويندو.
برسات جي صورت ۾ ڇا ٿيندو؟
سدائين جيان هن ٽورنامينٽ ۾ به برسات جي صورت ۾ نتيجو حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪ ورٿ لوئس( ڊي ايل ايس ) جو رياضياتي فارمولو استعمال ڪيو ويندو.
پر هن دفعي اِهو سسٽم لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪجهه شرط رکيا ويا آهن، گروپ ۽ سپر ايٽ مرحلي دوران ڊي ايل ايس جو استعمال ان صورت ۾ ڪري سگهجي ٿو جڏهن ٻئي ٽيمون گهٽ ۾ گهٽ پنج اوور کيڏي چڪيون هجن، جڏهن ته ناڪ آئوٽ ميچن ۾ ٻنهي ٽيمن کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه اوور کيڏڻا پوندا.
پهرئين سيمي فائنل ۽ فائنل لاءِ ريزرو ڊي رکيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي سيمي فائنل لاءِ رڳو 250 منٽن جو اضافي وقت منظور ڪيو ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا اڳوڻا فاتح ۽ پاڪستان جي ڪارڪردگي
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جي اٺ ايڊيشنز ۾ هنيئر تائين ڇهن ملڪن جون ٽيمون فاتح رهيون آهن، پاڪستاني ٽيم هن وقت تائين اٺن مان ٽي ڀيرا فائنل ۾ پهتي پر رڳو 2009 ۾ ئي ٽورنامينٽ کٽڻ ۾ ڪامياب رهي.
ڀارتي ٽيم به هڪ ڀيرو ئي ٽورنامينٽ کٽي سگهي آهي جڏهن هن پهرئين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان کي شڪست ڏني هئي، ڀارت ٻيو ڀيرو 2014 ۾ وري فائنل ۾ پهتو پر سريلنڪا کان هارائي ويو.
انگلينڊ جي ٽيم هن دفعي دفائي چيمپيئن طور ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندي، انگلينڊ 2022 واري عالمي ڪپ کانسواءِ 2010 ۾ ٽورنامينٽ کٽي چڪو آهي.
انگلينڊ کانسواءِ ٻه ڀيرا ميگا ايونٽ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪندڙ ٽيم ويسٽ انڊيز جي آهي جيڪا 2012 ۽ 2016 ۾ ورلڊ ڪپ کٽي چڪي آهي.
ان کانسواءِ آسٽريليا 2021 ۾ جڏهن ته سريلنڪا 2014 ۾ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کٽيو هو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا وڏا رڪارڊ
مجموعي طور سڀ کان وڌيڪ رنسون: ويرات ڪوهلي ( 27 ميچن ۾ 1 هزار 1 سئو 44 رنسون)
هڪ ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون: ويرات ڪوهلي ( 319 رنسون، 2014)
سڀ کان وڌيڪ انفرادي اننگز : برينڊن ميڪڪولم ( 123 رنسون بنگلاديش خلاف، 2012 )
سڀ کان وڌيڪ سينچريون: ڪرس گيل ٻه سينچريون ( 2007 ۽ 2016)
سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون : شڪيب الحسن ( 36 ميچن ۾ 47 وڪيٽون )
هڪ ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون : وينندو هسارنگا ( 16 وڪيٽون، 2021)
بهترين بالنگ : اجنٿا مينڊس ( زمبابوي خلاف 8 رنسن عيوض 6 وڪيٽون، 2012 )
فيلڊر طور سڀ کان وڌيڪ ڪيچ: اي بي ڊي ويليئرز ( 30 ميچن ۾ 23 ڪيچ )
سڀ کان وڏو ٽيم ٽوٽل : سريلنڪا ( 6 وڪيٽن جي نقصان تي 260 رنسون، ڪينيا خلاف )
سڀ کان گهٽ ٽيم ٽوٽل : نيڌرلينڊز ( 39 رنسن تي آل آئوٽ سريلنڪا خلاف )

T20worldcup2024 Pakistan ICC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.