ناديا خان پنهنجي عجيب حرڪت ٻڌائي پاڻ ئي ڏچي ۾ پئجي وئي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان ناديا خان جي عجيب حرڪت ۽ مبينا نفسياتي مرض تي واهپيدار حيران ٿي ويا ۽ اداڪارا تي تنقيد ڪري رهيا آهن. هاڻي اداڪارا پنهنجي چيل ڳالهه تي پاڻ ئي ڦاسي وئي آهي.

اداڪارا هڪ شو ۾ چيو ته هو جيڪو لباس پهريندي آهي ان تي لڳل ٽيگ ناهي لاهيندي.

لباس تي اڪثر ٽيگ لڳل هوندا آهن جيڪي رڳو دڪان تي ڏسبا آهن ته اهي ڪهڙي ڪمپني جا ڪپڙا آهن ۽ انهن جي رقم ڪيتري آهي پر اداڪارا لباس انهن ٽيگس سوڌو پهريندي آهي جنهن تي اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا اداڪارا ڪپڙا ناهي ڌوئيندي؟ يا ڏيکاءُ ڪندي آهي ته هن مهانگا ڪپڙا پهريا آهن؟

اهي ئي سوال اداڪارا کان سوشل ميڊيا تي ڪيا پيا وڃن.

اداڪارا جو انٽرويو ۾ چوڻ هو ته سندس مڙس ڪاوڙبو آهي ته مان ٽيگ لاهيان پر مان به ڪاوڙبي آهيان ته ٽيگ نه لاهينديس. اداڪارا چيو ته کڻي ان کي منهنجي عادت چئجي يا نفسياتي مسئلو، پر مان ٽيگ سوڌو لباس پهريندي آهيان.

NadiaKhan PakistaniActress TVHost

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.