ڪاٺ جي ٺهيل ماحول دوست سيٽلائيٽ کي چنڊ ۾ لانچ ڪرڻ جو فيصلو

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) جاپاني سائنسدانن دنيا جو پهرين ماحول دوست سيٽلائيٽ تيار ڪري ورتو آهي.
سيٽلائيٽ کي هلندڙ سال سيپٽمبر جي آخر ۾ چنڊ تي موڪليو ويندو.
لنڪو سيٽ نالي ڪاٺ جو اهو سيٽلائيٽ ڪيوٽو يونيورسٽي ۽ سومي موٽو فوريسٽري جي سائنسدانن جي ٽيم جي چار سال جي تحقيق جو نتيجو آهي.
سيٽلائيٽ جو خيال پائيدار سان جڙيل آهي، جنهن ذريعي محققين جو مقصد ڌاتن بجاءِ ڪاٺ جي استعمال سان سيٽلائيٽ تيار ڪرڻ هو.
اهو سيٽلائيٽ ايندڙ هفتي جاپان ايرو اسپيس ايڪسپلوريشن ايجنسي جي حوالي ڪيو ويندو، جنهن بعد سيٽلائيٽ کي سيپٽمبر ۾ اسپيس ايڪس راڪٽ ذريعي پرڏيهي اسپيس اسٽيشن تي موڪلڻ لاءِ فلوريڊا روانو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.