بس گهڻو ٿيو! نوَ مئي سانحي ۾ ملوث عنصرن لاءِ ڪا به رعايت ناهي: نائب وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نائب وزيرِاعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جنرل هيڊڪوارٽرز ( جي ايڇ ڪيو )، جناح هائوس ۽ ٻين ٿاڪن تي حملو ڪرڻ تي ڪو به معافي نٿو ڏئي سگهي ۽ نوَ مئي سانحي ۾ ملوث عنصرن لاءِ ڪا به رعايت مناسب ناهي.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم چار کان اٺ جون تائين چين جو دورو ڪندو ۽ سندس دوري سان سٺيون خبرون اينديون.
هن چيو ته سي پيڪ ۽ سيڪيورٽي بابت مسئلا موجود آهن، چين جي دوري ۾ به انهن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، چيني انجينيئرن تي حملي جي جوابدارن تائين پهتا آهيون.
سندس چوڻ هو ته گهرو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي کاتي جا آفيسر ڪابل ويا آهن، چيني شهرين تي حملن ۾ ملوث ماڻهن تي افغان اختيارين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.
هن چيو ته سعودي ولي عهد به پاڪستان جو دورو ڪندو، محمد بن سلمان جي والد جي طبعيت خراب آهي، هن نه رڳو پاڪستان پر جپان جو دورو به ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.
نائب وزيراعظم جسٽس اطهر من الله جي رمارڪس تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ چيو ته جسٽس اطهر من الله وزيراعظم بابت ڳالهايو جنهن تي وزيراعظم کان ئي پڇڻ گهرجي.
هن چيو ته پاڪستان کي ٽيڪ آف ڪرڻ دوران ڪيترا ڀيرا ڪرائڻو آهي، پاڪستان کي ڪيئي ڀيرا ٽيڪ آف ڪندي ڪيرائي چڪا آهن، بس گهڻو ٿي ويوڪ، جيڪو رياست جي خلاف آهي تنهن سان ڳالهيون نه ٿينديون، ڳالهين ۽ مفاهمت تي منهنجو پختو يقين آهي، سياست ۾ مفاهمت ۽ ڳالهيون ٿينديون آهن ۽ ٿيڻ گهرجن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نوَ مئي سانحو رياست خلاف بغاوت هئي، جي ايڇ ڪيو، جناح هائوس ۽ ٻين ٿاڪن تي حملو ڪرڻ تي ڪو به معافي نٿو ڏئي سگهي، فارميشن ڪمانڊرز ميٽنگ ۾ جنهن موقف جو اظهار ڪيو اِهو هر پاڪستاني جو موقف آهي، نوَ مئي سانحي ۾ ملوث عنصرن لاءِ ڪا به رعايت مناسب ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.