اداڪار عثمان مختار بجلي جي بل کان بچڻ جو حل ڳولي ورتو

گرمي جي شدت ۾ واڌ بعد بجلي جي بلن ۾ به واڌ ٿي ويندي آهي، عام ماڻهو کان وٺي شوبز جي دنيا سان جڙيل ڪيترائي فنڪار به ان مسئلي کان پريشان آهن، پر اداڪار عثمان مختار ان مسئلي جو حل ڳولهي ورتو آهي.
نجي ٽي وي کي انٽرويو دوران عثمان خان سوال ڪيو ويو ته 2024ع لاءِ اوهان وٽ ريزوليشن ڇا هئي؟
اداڪار جواب ۾ چيو ته گهڻا ماڻهو حيران ٿي ويندا پر مون سوچو هو ته هن سال گهر ۾ لازمي سولر پينل لڳرائيندس.
هن جو چوڻ هو ته بجلي جو بل ايترو وڌيڪ ايندو آهي جو زندگي اذيت بڻجي ويندي آهي، هاڻي الله جو شڪر آهي مان سڪون ۾ آهيان.
اداڪار کلندي چيو ته ماڻهو سوچيندا ته عثمان مختار جي نيو ايئر ريزوليشن اها هئي، بلڪل ائين ئي آهي.
ياد رهي ته عثمان مختار پنهنجي نئين فلم عمر و عيار ۾ عمر جي ڪردار ۾ نظر ايندو، فلم عيد الضحيٰ تي رليز ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.