راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان شيئر ٿيل ڍاڪا سانحي بابت وڊيو تي تحريڪِ انصاف ڏچي ۾ پئجي وئي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ اڊيالا جيل ۾ قيد عمران خان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڍاڪا سانحي جي حوالي سان هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي هئي.
وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سياسي اڳواڻن طرفان معاملي تي آواز اُٿاريو ويو جنهن بعد پي ٽي آءِ اڳواڻن کي به ان جي وضاحت ڏيڻي پئجي وئي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته عمران خان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان شيئر ڪيل وڊيو سياسي تناظر ۾ هئي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ رئوف حسن پهريان ته وڊيو جي مڪمل جاچ جو مطالبي جي حمايت ڪئي پر پوءِ چيو ته هن اڃا تائين وڊيو ڏٺي ئي نه آهي.
ٻئي پاسي گذريل ڏينهن ايف آءِ اي جي ٽيم معاملي جي جاچ لاءِ اڊيالا جيل پهتي، پر پي ٽي آءِ باني ايف آءِ اي ٽيم کي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان شيئر ڪيل وڊيو تي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.
عمران خان ايف آءِ اي ٽيم سان جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان به انڪار ڪيو سندس چوڻ هو ته هو ڪنهن به سوال جو جواب وڪيلن جي موجودگي ۾ ڏيندو.
هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان تڪراري وڊيو تي وضاحتن جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڻ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ايم اين اي علي محمد خان پاران به ان حوالي سان بيان جاري ڪيو ويو آهي.
علي محمد خان به ڍاڪا سانحي بابت وڊيو کان پي ٽي آءِ باني کي لاتعلق قرار ڏيندي چيو ته عمران خان کي پنهنجي ٽوئيٽر هينڊل تان شيئر ٿيل وڊيو جي خبر ئي ناهي، 1971 کان 2018ع تائين جون حالتون ٻيهر پيدا نه ڪيون وڃن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اڳتي پي ٽي آءِ باني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان جيڪو به مواد شيئر ٿيندو تنهن عمران خان جي مرضي پڻ شامل هوندي، جڏهن ته هاڻ زين قريشيءَ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي.
زين قريشي جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي جيڪو ڪجهه به اَپ لوڊ ٿيندو آهي، پي ٽي آءِ باني جي مرضي سان ٿيندو آهي.
ڍاڪا سانحي تي عمران خان جي پوسٽ بابت زين قريشي جي بيان نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو
You might also like