سر سيد يونيورسٽي ۾ هيٽ ويو رليف ڪيمپ جو افتتاح

ڪراچي (پ ر) سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي رجسٽرار ڪموڊور (ر) سيد سرفراز علي ڪيمپس ۾ هيٽ ويو رليف ڪيمپ جو افتتاح ڪيو.

اها ڪيمپ شاگردن، استادن ۽ سر سيد يونيورسٽي جي ملازمن جي سهولت لاءِ قائم ڪئي وئي آهي.

ان موقعي تي سر سيد يونيورسٽي جو ايڊيشنل رجسٽرار زبير حميدي، چيف سيڪيورٽي آفيسر پرويز اقبال، ڊائريڪٽر اسٽريٽجڪ پلاننگ دين محمد، ميڊيڪل سينٽر جو انچارج ڊاڪٽر اويس ۽ ٻيا موجود هئا.

هيٽ ويو دوران شاگردن، ملازمن ۽ ٻين ماڻهن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هيٽ ويو ڪيمپ لڳائڻ جي ضرورت تي ڳالهائيندي سر سيد يونيورسٽي جي رجسٽرار ڪموڊور (ر) سيد سرفراز علي چيو ته شهر ۾ گرمي جي شدت کي منهن ڏيڻ لاءِ نجي ۽ سماجي شعبي جي پارٽنرشپ اڻٽر آهي، ٻنهي جي ڀائيواري سان شهر کي پيش ايندڙ آفتن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي اهي، اها ڳالهه سٺو سنوڻ آهي ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي ماڻهو گرمي جي لهر جي اثرن ۽ ان کان بچاءَ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺڻ ڄاڻين ٿا.

رجسٽرار سيد سرفراز علي چيو ته رليف ڪيمپ ۾ شروعاتي طور امداد جون سڀ سهولتون موجود آهن. هي رليف ڪيمپ، يونيورسٽي طرفان هر سال گرمي جي لهر دوران لڳائي ويندي آهي ۽ جون جي شروعات تائين فعال رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.