مون کي اڪيلائي ۾ قيد ڪيو ويو آهي: عمران خان جي نيب ترميمون ڪيس ۾ پيشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ٿي وئي آهي جنهن دوران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي اڪيلائي ۾ قيد ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس قاصي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله ۽  جسٽس حسن اظهر رضوي شامل آهن، عمران خان کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ڪيس جي ٻڌڻي کي سڌي ريت نشر ڪرڻ واري معاملي تي ڪارروائي جي ٻڌڻي جي شروعات ۾ ئي وقفو ڪيو ويو هو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا هئا ته لائيو اسٽريمنگ تي ٿوري دير ۾ ٻڌائينداسين.

جسٽس اطهر من الله سڌي ريت نشريات جي حمايت ڪئي هئي، هن چيو ته ڪيس پهريان لائيو ڏيکاريو ويو هو ته هاڻي به لائيو ٿيڻ گهرجي.

ان تي خيبرپختونخوا جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته هي ڪيس عوامي مفاد ۽ دلسپي جو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هي ٽيڪنيڪل ڪيس آهي، هن ۾ عوامي مفاد جو معاملو ناهي.

تنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي لائيو ڏيکاري ويندي يا نه؟ ان بابت بينچ مشاورت ڪرڻ هلي وئي.

ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته سپريم ڪورٽ نيب ترميمن واري ڪيس جي ٻڌڻي سڌي ريت نه ڏيکارڻ جو فيصلو ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.