ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ ڪيوب قمر جي ڪامياب لانچنگ کانپوءِ پاڪستان ايم ايم ون نالي نئين سيٽلائيٽ لانچ ڪري ڇڏي آهي.
هي سيٽلائيٽ پاڪستان نيشنل اسپيس ايجنسي سپارڪو ۽ نيشنل اسپيس ايجنسي طرفان خلا ۾ لانچ ڪئي وئي.
سپارڪو چيو هو ته سيٽلائيٽ جديد ترين مواصلاتي نظام جي تشڪيل ۾ رهنمائي ڪندي، هي سيٽلائيٽ فائيو جي ۽ انٽرنيٽ جي بهتر دستيابي کي يقيني بڻائيندي.
وزيراعظم قوم کي هن اڳڀرائي تي مبارڪون ڏنيون آهن.