ملڪ ۾ قهر جي گرمي، ڪيترن ئي شهرن ۾ پارو 50 ڊگري کان مٿي هليو ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سخت گرميءَ جي لهر جاري آهي، اڄ به ڪيترن ئي شهرن ۾ پارو 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي هليو ويو .
اڄ جيڪب آباد ۾ گرمي پد 51، نواب شاهه، سکر ۽ سبي ۾ 50 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.
بهاول پور ۾ پارو 49 ڊگري سينٽي گريڊ، ملتان ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ 48 ڊگري، تربت، فيصل آباد، سرگوڌا ۾ 47، حيدرآباد ۾ 46، بنون ۾ 45 ۽ پشاور ۾ گرمي پد 40 ڊگري تائين پهچي ويو.
لاهور ۾ 42 ڊگري گرمي 46 ڊگري تائين محسوس ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾ به هيٽ ويو جي لهر جاري آهي، جتي 41 ڊگري جي گرمي 45 ڊگري تائين محسوس ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بلوچستان جي ڏاکڻن ضلعن ۾ به هيٽ ويو جو خدشو آهي.
ملڪ ۾ گرميءَ جي لهر سبب شهري پريشان آهن، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ڪيئي علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.
طبي ماهرن طرفان ضروري ڪم کانسواءِ اُس ۾ نه نڪرڻ، پاڻي ۽ شربتن جي وڌيڪ واهپي جو مشورو ڏنو ويو آهي.

Heat Heetwave Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.