آرٽيفشل انٽليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي کي ڪيترن ئي ڪمن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ۽ جلد ئي ان جي مدد سان موسم جي صحيح اڳڪٿي ڪرڻ به ممڪن ٿي ويندو.
مائيڪري سافٽ اهڙن اي آءِ ٽيڪنالاجي تيار ڪئي آهي جيڪا ايندڙ 30 ڏينهن لاءِ موسم جي اڳڪٿي ڪندي.
ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موسمياتي اڳڪٿي جي لاءِ نوان ٽيڪنالاجي جا ٽولز تيار ڪيا پيا وڃن، جن جا آزمائشي نتيجا گهڻو متاثر ڪندڙ آهن.
اهڙن ٽولز تي موسمياتي اڳڪٿي تي ڪم ڪرڻ واري هڪ اداري فورڪاسٽ واچ طرفان هڪ تحقيق ڪئي وئي آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مائيڪرو سافٽ جي موسمياتي ٽيڪنالاجي عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ صحيح اڳڪٿي ڪئي آهي.
ڪمپني طرفان اهڙي نئين ٽيڪنالاجي کي ونڊوز 10 ۽ ونڊوز 11 تي ڪم ڪرڻ وارن ڪمپيوٽرز تي متعارف ڪرائڻ لاءِ به منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي.
اهڙي ريت اهي موسمياتي ٽولز مائيڪرو سافٽ اسٽارٽ نيوز ايپ ۾ به دستياب هوندا.
Prev Post
You might also like