گهٽ پاڻي پيئڻ وارا خبردار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄو ڏينهن اسان ڪمن ڪارن ۽ جلدي جلدي ۾ پاڻي پيئڻ اڪثر وساري ويهندا آهيون.

رپورٽن موجب هڪ شخص کي ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 کان 3 ليٽر پاڻي پيئڻ گهرجي.

توانائي جي گهٽتائي ۽ جلدي ٿڪجي پوڻ اهڙيون علامتون آهن جن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اوهان گهٽ پاڻي پي رهيا آهيو.

گهٽ پاڻي پيئڻ مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

پاڻي جي کوٽ قبض، پيٽ جي سور جهڙن مسئلن کي جنم ڏيندي آهي جڏهن ته پيشاب جي نالي جي انفيڪشن جو خطرو وڌي ويندو آهي.

گهٽ پاڻي پيئڻ سان دل جون بيماريون به ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سبب وزن برقرار ناهي رهندو.

گهٽ پاڻي پيئڻ سان چهري تي گهنج ۽ داغ ٿي پوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.