ورلڊ ڪپ: آسٽريلوي ٽيم ۾ رانديگرن جي کوٽ، ڪوچنگ اسٽاف کان فيلڊنگ ڪرائي وئي

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي وارم اَپ ميچ ۾ آسٽريليا کي نميبيا خلاف ميچ ۾ رڳو نوَ رانديگرن جون خدمتون حاصل هيون جنهن بعد پليئنگ اليون جي پورائي لاءِ ڪوچنگ اسٽاف کي ٽيم شامل ڪرڻو پئجي ويو.
آسٽريلوي اسڪواڊ شامل رانديگر آءِ پي ايل جي پلي آف سبب دير سان اسڪواڊ جوائن ڪري رهيا آهن ۽ آسٽريليا کي نميبيا خلاف وارم اَپ ميچ ۾ رڳو نوَ رانديگر دستياب هئا جنهن کي نظر ۾ رکندي وارم اَپ ميچ لاءِ ڪوچنگ اسٽاف کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.
وارم اَپ ميچ ۾ چيف سليڪٽر جارج بيلي اسڪوائر ليگ تي فيلڊنگ ڪئي، هيڊ ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ جوش هيزل ووڊ جي متبادل طور گرائونڊ ۾ آيو جڏهن ته بيٽنگ ڪوچ بريڊ هوج سپورٽ اسٽاف جي رڪن سان گڏ فيلڊنگ ڪئي.
ميچ دوران آسٽريلوي فيلڊنگ ڪوچ نميبيا خلاف وارم اپ ميچ ۾ جوش هيزل ووڊ جي بال تي ڪيچ ورتو ۽ نميبيا جي ٽيم 119 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ پنج ۽ ايڊم زمپا ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون جنهن کانپوءِ آسٽريليا ڏهن اوورن اندر ئي ٽن وڪيٽن جي نقصان تي گهربل هدف حاصل ڪري ورتو.
آسٽريليا طرفان اوپنر ڊيوڊ وارنر ناقابلِ شڪست ففٽي اسڪور ڪئي، آسٽريليا ٻي وارم اپ ميچ جمعي تي ويسٽ انڊيز خلاف کيڏندي.

T20worldcup2024 Australia Cricket

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.