عدت نڪاح ڪيس، جج فيصلو ٻڌائڻ بنا هليو ويو، ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت جي جج پي ٽي آءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائڻ بنا هليو ويو .
عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شاهه رخ ارجمند جي عدالت ۾ ٿي.
ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي جج شاهه رخ ارجمند پڇاڻو ڪيو ته ڇا سرڪار وڪيل رضوان آيو آهي يا نه؟ جنهن تي مددگار وڪيل ٻڌايو ته رضوان عباسي سپريم ڪورٽ ۾ آهي، ٿورو وقت ڏيو.
سيشن جج شاهه رخ ارجمند رمارڪس ڏيندي چيو 9 وڳي جو وقت ڏنو هو، رضوان عباسي کي اچڻ گهرجي ها، جنهن تي مددگار وڪيل چيو ته رضوان عباسي دليل ڏيڻ چاهي پيو پر کيس سپريم ڪورٽ وڃڻو پئجي ويو.
عدالت سوال ڪيو ته رضوان عباسي ڪيستائين ايندو؟ جنهن کانپوءِ جج کيس ساڍي ڏهين وڳي تائين پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي، رضوان عباسي مقرر وقت تي به عدالت نه پهتو جنهن سيشن جج شاهه رخ ارجمند چيو ته رضوان عباسي سان مشاورت ڪري ٻڌايو ته اوهان چاهيو ڇا ٿا.
خاور مانيڪا جي مددگار وڪيل سيشن جج سان مڪالمو ڪندي چيو ته سندن ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ٽرانسفر ڪريو، جنهن تي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته بي اعتمادي جي درخواست پهريان به خارج ٿي چڪي آهي، جيڪو چوڻو آهي پنهنجي وڪيل کي ٻڌايو.
خاور مانيڪا سيشن جج سان مڪالمو ڪندي چيو ته مان اوهان هن ڪيس جو فيصلو نٿو ڪرائڻ چاهيان، جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته ان جو سبب ڇا آهي؟ بار بار بي اعتمادي ظاهر ڪئي پئي وڃي، ڪجهه جوڳو ڪارڻ ته ٻڌايو، ڪنهن نه ڪنهن جج کي ته ڪيس جو فيصلو ڪرڻو آهي.
عدالت جي ڪمري ۾ گوڙ شروع ٿيڻ تي جج ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ بنا اُٿي پنهنجي چيمبر ۾ هليو ويو.
جنهن کانپوءِ سيشن جج شاهه رخ ارجمند اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته بشريٰ بي بي، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر هيون، خاور مانيڪا مون تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته بي اعتمادي جي درخواست ان کان اڳ خارج ٿي چڪي آهي.
جج خط ۾ لکيو ته خاور مانيڪا جي ٻيهر بي اعتمادي تي اپيلن تي فيصلو صحيح نه آهي، اپيلن کي ڪنهن ٻي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست آهي.
خط ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته خاور مانيڪا ۽ سندس وڪيلن هميشهه ٻڌڻي ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

Iddatcase KhawarManeka BushraBibi ImranKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.