ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد نمبر 4 ۾ پوليس مقامبلي ۾ 6 جوابدار گرفتار ڪيا ويا.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن هڪ ئي ڏينهن اندر 25 موبائلون ۽ 3 موٽرسائيڪلو ڦر ڪيون هيون.
پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار ٽن موٽرسائيڪلن تي گينگ جي شڪل ۾ لٽ ڦر ڪندا هئا، جن وٽان هٿيار، 2 موٽرسائيڪلون ۽ 18 موبائل فونز هٿ ڪيا ويا آهن.
جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هو لياقت آباد، ناظم آباد، گارڊن، عائشا منزل، نمائش، گرومندر ۽ سولجر بازار مان 25 موبائلون ڦر ڪيون.
پوليس چيو ته گرفتار جوابدار علي شير ڪار چوري سان گڏوگڏ ڦورن جو گروپ به هلائي رهيو هو، جنهن 7 ڪارون ۽ 40 موٽرسائيڪلون ڦرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
پوليس اختيارين موجب گرفتار جوابدار ان کان پهريان به ڪيترائي ڀيرا جيل وڃي چڪا آهن.
Karachi MobileSnatching Pakistan