ڄامشوري ۾ جمالي برادري پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ الهورايو جمالي، محمد صالح جمالي ۽ محرم جمالي چيو ته نوابشاهه جي ديهه آباد ماکنڊ جي ڳوٺ جمع خان جمالي ۾ سندن 32 ايڪڙ 9 گهنٽا زرعي زمين آهي جنهن تي تر جي بااثرن ۽ سياسي پارٽي سان واڳيل وڏيرن هٿيارن ۽ سرڪاري مشينري جي زور تي 2020 کان قبضو ڪيو آهي. هنن چيو ته 25 مئي تي محمد اڪرم جمالي ۽ پٽ حق نواز جمالي کي عدالت مان واپس ايندي کنڀيو ويو آهي، کين آزاد ڪري بااثرن وڏيرن خلاف ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو وڃي…