اسان 28 مئي وارا آهيون، اڄ ثاقب نثار جو فيصلو رديءَ جي ٽوڪري ۾ وڌو ويو: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ صدر نواز شريف چيو آهي ثاقب نثار ته مون کي هميشه لاءِ پارٽي صدارت تان هٽائڻ جو فيصلو ڏنو هو، اڄ ان کي گهرايو ته ڏسي سندس فيصلي جو ڇا ٿيو، ڪارڪنن ثاقب نثار جو فيصلو ردي جي ٽوڪري ۾ وجهي ڇڏيو.
ن ليگ جو صدر چونڊجڻ کانپوءِ پارٽي جي جنرل ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو مون کي ڪارڪنن ۽ شهباز شريف تي فخر آهي ته اهي گڏ بيٺا رهيا، مريم نواز کي به مبارڪباد ته ڏکئي وقت ۾ پارٽي کي متحرڪ رکيائين، جيل ۾ منهنجي اکين جي آڏو مريم نواز کي هٿڪڙيون لڳايون ويون، حمزا شهباز جيل ۽ سزا ڪاٽي به اُف نه ڪيائين.
هن چيو ته بدقسمتي سان 1947 کان پير ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، اسان کي مڃڻ گهرجي ته اسان پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هنئي آهي، چار پنج ماڻهن عوام جي مينڊيٽ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، جشن ملهايو ته ثاقب نثار جو فيصلو ردي جي ٽوڪري ۾ ۽ مان توهان جي سامهون آهيان.
سندس چوڻ هو عمران خان ٻڌائي ته ڇا هو جنرل رٽائرڊ ظهير الاسلام جي ٽين قوت نه هو؟ ڪير هو عمران خان جو امپائر؟ جيڪڏهن عمران خان چئي ٽين قوت هو نه هو ته مان سياست ڇڏي ڏيندس، اڳ ۾ قوم کي انهن ڳالهين جو جواب ڏيو پوءِ اسان سان ڳالهايو، عمران خان انهن ماڻهن جي پيداوار آهي.
نواز شريف چيو اسان 28 مئي وارا آهيون 9 مئي وارا ناهيون، اڄوڪي ڏينهن منهنجو ضمير خريدڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مان چيو صدر ڪلنٽن اسان غيرت ۽ ضمير جو سودو ناهيون ڪندا، صدر ڪلنٽن چيو پاڪستان تي پابنديون لڳي وينديون، مان چيو لڳائي ڇڏيو، اسان ايٽمي ڌماڪا ڪري ڇڏيا، اهو وڏو فيصلو ڏهو، ڀارتي پارليامينٽ ۾ خبر ڏني وئي ته پاڪستان جواب ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪري ڇڏيا، پاڪستان جي ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ واجپائي آيو ۽ پاڪستان سان معاهدو ڪيو.

nawazsharif pmln shahbazsharif

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.