آئن مورگن جي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فاتح بابت وڏي اڳڪٿي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي انگلش ڪپتان آئن مورگن به ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم کي فيورٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انگلينڊ جي اڳوڻي ۽ ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر آئن مورگن ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2024 جي ٽاپ ٽيمن مان مضبوط ترين اسڪواڊ لاءِ ڀارت جي چونڊ ڪندي چيو ته ڀارتي ٽيم پهرئين ايونٽ کان پوءِ ڪو به ٽائيٽل ناهي کٽي سگهي پر انهن جو موجودا اسڪواڊ ڏاڍو مضبوط آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم صلاحيت مطابق کيڏي ته ايونٽ کٽي سگهي .
انگلش ٽيم بابت ڳالهائيندي آئن مورگن چيو ته اسان جي به مضبوط آهي، جيڪا ٽورنامينٽ ۾ ٽائٽل جو دفاع ڪري رهي آهي ڪجهه انجريز جو خدشو آهي پر مان سمجهان ٿو ته جوش بٽلر جي قيادت ۾ رانديگر سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا.
ياد رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ اي ۾شامل ڀارتي ٽيم کي روايتي مخالف پاڪستان، آئرلينڊ، ڪئناڊا ۽ ميزبان آمريڪا جي ٽيمن خلاف ميچون کيڏڻيون آهن.
آهن.

India T20worldcup2024 Eoinmorgan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.