لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اهو عمران خان جيڪو فوجين جي پيرن ۾ ويٺو هو، اڄ ڍاڪا سانحي تي ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، عمران نيازي فوج ۽ انهن جي خاندانن کي بدنام ڪري رهيو آهي.
ن ليگ جي جنرل ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته جيڪا ذميواري پارٽي مون کي ڏني هئي، اها امانت اڄ پارٽي حوالي ڪري ڇڏي، الله پاڪ اڄ نواز شريف کي ٻيهر ان ئي عهدي سان نوازيو، اڄ پنجاب ۾ مريم نواز ۽ وفاق ۾ نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت کي بحال ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، سازشون ڪندڙن جو منهن ڪارو ٿي ويو ۽ نواز شريف ڪامياب ٿي ويو.
هن چيو ته جيڪو عمران خان فوج جي پيرن ۾ ويهندو هو، اڄ ڍاڪا سانحي تي پاڪستان جي حوالي سان مجيب الرحمان ۽ ٻين جو مقابلو ڪري رهيو آهي، عمران نيازي فوج ۽ انهن جي خاندانن کي بدنام ڪري رهيو آهي، انهن فوجين پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري ڇڏيو پر لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، عمران خان جي ذاتيات تي نٿو ڳالهايان پر قوم کيس ڪڏهن معاف نه ڪندي.
shahbazsharif pmln primeminister