ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان هاردِڪ پانڊيا جي گهرواري ۽ بالي ووڊ اداڪارا نتاشا جي ڌار ٿيڻ جو خبرون گردش ڪري رهيو آهن.
هاردڪ پانڊيا 31 مئي 2020ع تي بالي ووڊ اداڪارا نتاشا سان ممبئي جي هڪ عدالت ۾شادي ڪئي هئي ۽ جوڙي کي هڪ پٽ جو اولاد پڻ آهي.
گذريل سال فيبروري ۾ هاردڪ پانڊيا نتاشا سان ٻيهر شادي ڪئي هئي ۽ هاڻي ڀارتي ميڊيا تي ٻنهي جي ڌار ٿيڻ جو خبرون سامهون آيو آهن جڏهن ته علحيدگي جي حوالي سان جوڙي طرفان ترديد يا تصديق ناهي ڪئي وئي.
مارچ 2024 ۾ انڊين پريميئر ليگ دوران هاردڪ پانڊيا جي خراب ڪارڪردگيءَ سبب سندس گهرواري کي آن لائين تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، جڏهن ته هاڻ ريڊٽ واهپيدار طرفان جوڙي جي ڌار ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ريڊٽ تي هڪ واهپيدار پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيل هو ته جيتوڻيڪ هي سڀ افواهه آهن پر هاردڪ ۽ سندس گهرواري ٻئي هڪٻئي لاءِ ڪا اسٽوري يا پوسٽ شيئر ناهن ڪري رهيا، ان کان اڳ انسٽاگرام تي نتاشا اسٽينڪووچ پانڊيا لکندي هئي پر هاڻ نتاشا پنهنجي پروفائل تان هاردڪ پانڊيا جو نالو به هٽايو ڇڏيو آهي.
پوسٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چار مارچ تي نتاشا جي سالگرهه هئي پر هاردِڪ طرفان گهرواري جي سالگرهه تي به ڪائي پوسٽ شيئر نه ڪئي وئي.
ٻئي پاسي نتاشا به مڙس جون پٽ سان گڏ تصويرون کانسواءِ پنهنجون ۽ هاردڪ سان گڏ سموريون تازيون پوسٽون ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن.
ان کانسواءِ نتاشا کي آءِ پي ايل دوران هاردِڪ پانڊيا يا سندس ٽيم جي حوالي سان ڪا به پوسٽ شيئر ڪندي به نه ڏٺو ويو.
Hardikpandya Natasha IPL BCCI