آسٽريلوي ڪرڪيٽرن پاران ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ کان انڪار تي جئه شاهه جو ردعمل اچي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ( بي سي سي آءِ ) طرفان ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ آسٽريلوي ڪرڪيٽرن سان رابطن جي خبرن تي بورڊ جي سربراهه جئه شاهه جو ردعمل اچي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جئه شاهه ڪوچنگ لاءِ آسٽريلوي رانديگرن سان رابطن جي ترديد ڪري ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، بي سي سي آءِ نه مون اڳوڻن آسٽريلوي ڪرڪيٽرن سان ڪوچنگ لاءِ رابطا ڪيو، ڀارتي ٽيم لاءِ بهترين ڪوچ جي ڳولا هڪ محتاط ۽ ڊگهي مشق آهي.
هن چيو ته اسان جو اهڙن ماڻهن تي فوڪس آهي جيڪي ڀارتي ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي سمجهي سگهن، اِهو تمام اهم آهي ته ٽيم جي ڪوچ کي علائقائي ڪرڪيٽ جي فريم ورڪ جي چڱي ريت ڄاڻ هجي تنهنڪري ڀارتي ٽيم جو نئون ڪوچ ڀارتي ٿي سگهي ٿو.
واضح رهي ته اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ جي آڇ ملڻ جو انڪشاف ڪيو هو پر هن اِها آڇ قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
ان کانسواءِ آسٽريلوي ڪرڪيٽر جسٽن لينگر به ڀارتي ٽيم جي ڪوچنگ ۾ غيردلچسپي جو اظهار ڪيو هو جڏهن ته زمبابوي جي اڳوڻي اوپنر اينڊي فلاور به بي سي سي آءِ کي ٽيم جي ڪوچنگ ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.