دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جو سفير مقرر ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي شاهد آفريدي کي ٽورنامينٽ سفيرن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ڇو ته شاهد آفريدي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ2009 جي فاتح ٽيم جو حصو ۽ پليئر آف دي ٽورنامينٽ هو.
شاهد آفريدي کانسواءِ آءِ سي سي طرفان ميگا ايونٽ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽر يوراج سنگهه، ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل ۽ دنيا جي تيز ترين ايٿيليٽ يوسين بولٽ کي به سفير مقرر ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي شاهد آفريدي چيو ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ منهنجي دِل جي ويجهو آهي، پهرئين عالمي ڪپ ۾ پليئر آف دي ٽورنامينٽ جو اعزاز ماڻيو، 2009ع ٽرافي کٽي ۽ اِهي ڪيرئير جا ذڪر جوڳا لمحا آهن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هو نوَ جون تي پاڪ-ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ پرجوش آهي، اِهو ڪرڪيٽ جي دنيا جي ٻن وڏن روايتي مخالفن جو مقابلو آهي، جيڪو نيويارڪ ۾ ڪو به مِس نه ڪندو.
T20worldcup2024 ShahidAfridi ICC