ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڄ مسلسل ٽئين ڏينهن ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
آل پاڪستان جميز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 18 سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 40 هزار 20 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1543 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 5 هزار 933 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان سون جي عالمي قيمت 20 ڊالرز جي پريميم شامل ڪري 2338 ڊالرز في اونس آهي.
Gold Pakistan Goldrate