اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مهانگائي ستايل عوام لاءِ سٺي اِها آهي ته پهرين جون کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ سبب پاڪستان ۾ پيٽرول في ليٽر چار رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمتن ٻه في ليٽر ساڍا 3 رپيا لاٿ جو امڪان آهي جڏهن ته پيٽروليم شين جي اگهن جو حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو جنهن جو اعلان 31 مئي تي ڪيو ويندو.
ياد رهي ته 15 مئي تي ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ ڪئي وئي هئي جنهن ۾ پيٽرول 15 رپيا 39 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ست رپيا 88 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 54 پئسا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي هئي.
You might also like