شهيد نصر الله جي قاتلن کي هر صورت گرفتار ڪيو ويندو: وڏو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به عوامي آواز جي رپورٽر نصر الله گڏاڻي جي قتل تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته نصر الله جي شهادت تي خاندان ۽ اداري جي غم ۾ شريڪ آهيون.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت نصر الله جي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر الله کي اهو منظور هو.
هن چيو ته سنڌ حڪومت مرحوم جي وارثن جي مالي مدد ڪندي ۽ قاتلن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي.

JusticeForNasrullahGadani Journalist MuradAliShah

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.