ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪير ڪير ڪامينٽري ڪندو؟ نالو سامهون اچي ويا

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڪامينٽري پئنل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪامينٽري پئنل ۾ پاڪستان مان ٽن اڳوڻن ڪرڪيٽرن وسيم اڪرم، رميز راجا ۽ وقار يونس کي شامل ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ روي شاستري، ناصر حسين، ميل جونز، ايئن سمٿ، هرشا ڀوگلي، ايئن بُشپ، دنيش ڪارٿِڪ، ايبوني رينفورڊ، سيميول بدري، ڪارلوس براٿويٽ، اسٽيو سمٿ، ايرون فنچ ۽ ليزا اسٽاليڪر به ڪامينٽري پئنل جو حصو آهن.
رڪي پونٽنگ، سنيل گواسڪر، ميٿيو هيڊن، آئن مورگن ۽ ٽام موڊي به ورلڊ ڪپ دوران تبصرا ڪندي نظر ايندا.
آمريڪي ڪامينٽيٽر جيمز اوبرائن پهريون ڀيرو آءِ سي سي ايونٽ ۾ ڪامينٽري ڪندو جڏهن ته ڊيل اسٽين، گريم سمٿ، مائيڪل ايٿرٽن، سائمن ڊول ۽ شان پولاڪ پڻ ڪامينٽري پئنل ۾ شامل آهن.
ٻين اهم نالن ۾ ڊيني موريسن، ايلن ولڪنس، مائيڪ هيزمين، ڊيرن گانگا، اطهر علي خان ۽ رسل آرنلڊ شال آهن.

T20worldcup2024 ICC Cricket

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.