احمد فرهاد بازيابي ڪيس، عدالت آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جي سيڪٽر ڪمانڊر کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مغوي شاعر احمد فرهاد بازيابي ڪيس جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني طرفان اٺن صفحن تي ٻڌل تحريري حڪم نامو اردوءَ ۾ جاري ڪيو ويو آهي.
عدالتي حڪم نامي موجب، انٽر سروسز انٽيليجنس ( آءِ ايس آءِ ) ۽ ملٽري انٽيليجنس ( ايم آءِ ) جي سيڪٽر ڪمانڊر ۽ ڊائريڪٽر انٽيلي جنس بيورو ( آءِ بي ) کي طلب ڪيو ويو.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي ۽ ايس ايس پي پوليس عدالت کي جاچ دوران اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، پوليس اختيارين ٻڌايو ته مغوي جي لوڪيشن ٽريس ڪري ورتي آهي، پوليس موجب، هو جلد ئي لوڪيشن ۽ ماڻهن تائين پهچي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.