عوامي آواز پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

ڪراچي/ميرپور ماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپور ماٿيلي ۾ هٿياربندن هٿان فائرنگ ڪري زخمي ڪيل عوامي آواز جو رپورٽر نصرالله گڏاڻي ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو.

ٽي ڏينهن اڳ ميرپور ماٿيلي ڀرسان قاتلاڻي حملي ۾ نصر الله گڏاڻي سخت زخمي ٿي پيو هو.

زخمي صحافي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال نيو ويو جنهن بعد ايئرايمبولنس ذريعي ڪراچي جي خانگي اسپتال آندو ويو هو. اڄ صبح نصرالله گڏاڻي علاج دوران ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. وارث نصر الله گڏاڻي جو مڙهه ايمبولنس ذريعي ڪراچي کان اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا.

خبر باهه جيان پکڙجي وئي، ڪاروبار بند

نصرالله گڏاڻي جي شهادت واري خبر پوڻ تي ميرپور ماٿيلو، گهوٽڪي، جروار، سرحد شهرن ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو ۽ صحافي برادري سميت سياسي، سماجي تنظيمن جا اڳواڻ روڊن تي نڪري آيا.

واقعي خلاف قومي شاهراهن، اهم رستن ۽ چوڪن تي احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون، پريس ڪلب تي ڪارا جهنڊا چاڙهيا ويا، صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرا ڪيا.

صحافي جو مڙهه کڻي ويندڙ ايمبولينس جي وک وک تي آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

وڪٽري جو نشان

ميرپورماٿيلي ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي کي قاتلاڻي حملي کانپوءِ جڏهن اسپتال منتقل ڪيو ويو ته 3 گوليون لڳل زخمي صحافي هٿ مٿي ڪري وڪٽري جو نشان ڏيکاري رهيو هو، اها تصوير پڻ بهادري جي علامت بڻجي وئي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

بهادر صحافي جي ماءُ

شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ماءُ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سندس پٽ حلال روزي تي پروش ماڻي آهي، مون کي فخر آهي ته هن شهادت ماڻي آهي، مان تڏهن جيئري رهي سگهان ٿي جڏهن پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، جيڪڏهن قاتلن کي سزا نه ملي ته پوءِ مان به جيئري نه رهي سگهنديس.

سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران صحافين بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي.

صحافي برادري جي احتجاج تي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پهتا جن صحافين سان ڳالهيون ڪيون.

هنن چيو ته واقعي کانپوءِ سنڌ حڪومت عوامي آواز  سان مسلسل رابطي ۾ رهي آهي ۽ جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو.

سنڌ حڪومت پاران ڏک جو اظهار

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، عوامي آواز جي رپورٽر نصر الله گڏاڻي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار صحافي نصر الله گڏاڻي جي جان بچائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر الله پاڪ کي اهو ئي منظور هو.

هن چيو ته سنڌ حڪومت نصر الله گڏاڻي کي ايئر ايمبولينس ذريعي رحيم يار خان کان ڪراچي منتقل ڪيو پر هو بچي نه سگهيو.

مراد علي شاهه چيو ته هو نصر الله گڏاڻي جي لاڏاڻي تي سندس خاندان ۽ اداري سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار صحافي نصر الله گڏاڻي جي وارثن ۽ صحافي برادري سان گڏ آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت صحافي نصر الله گڏاڻي جي وارثن جي هر ممڪن مدد ڪندي.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته الله تعاليٰ مرحوم صحافي نصر الله گڏاڻي جي مغفرت ۽ وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي، آمين.

سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ميرپور ماٿيلي ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف سول سوسائٽي، صحافين ۽ ٻين مختلف تنظيمن پاران ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

خانپور مهر ۾ صحافين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف سائل قاضي، دودو مهر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڏهرڪي ۾ مختلف ڌرين پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف حيدر خان شر، مير حسن شر، ڪمال مهر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

اوٻاوڙي ۾ صحافين، سياسي سماجي تنظيمن پاران ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف اڪبر دشتي، محمد بخش گهڃو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

پوسٽ مارٽم رپورٽ

عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جو پوسٽ مارٽم ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ڪيو ويو.

پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب، شهيد نصر الله گڏاڻي جو پوسٽ مارٽم ۽ ايڪسري ڪيو آهي، شهيد کي جسم ۾ چار گوليون لڳيون، جن مان هڪ گولي اڃا تائين جسم ۾ ڏٺي وئي آهي.

ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نصر الله گڏاڻي جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ رحيميار خان ۽ ڪراچي جي اسپتالن مان رپورٽون اچڻ بعد جاري ڪئي ويندي.

واقعي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي

سينيئر رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي فيس بڪ تي لائيو اچي مقامي ڪرپشن تي به آواز اٿاريندو هو ۽ سياستدانن تي تنقيد ڪندو هو.

مٿس فائرنگ واري واقعي جي جاچ لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي جي سربراهي ۾ 5 رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي.

جنازي نماز ادا ڪئي وئي

شهيد صحافي جي جنازي نماز ميرپورماٿيلي ۾ ادا ڪئي وئي.

سنڌ ۽ بلوچستان مان وڏي انگ ۾ صحافين ۽ نصر الله گڏاڻي جي چاهيندڙن شرڪت ڪئي.

جنازي نماز بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي هر اک آلي هئي.

عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سٿ شريڪ

شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو مڙهه ڪراچي کان ميرپورماٿيلو لڳ ڳوٺ قبول خان گڏاڻي آندو ويو، جتي جنازه نماز ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ عوامي آواز جي سٿ مان ناصر خٽڪ ،اقبال ملاح، مقصود جوکيو، آزاد مھر، ممتاز سنڌي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي پھتا جتي هنن شھيد جي مغفرت لاءِ دعا گھري ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

عوامي آواز جي سٿ چيو ته نصرالله گڏاڻي ھڪ دلير صحافي ھيو جنھن جي وڇوڙي تي وڏو ڏک پھتو آھي.

عوامي آواز پاران سوڳ جو اعلان

عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران صحافي نصرالله گڏاڻي جي شهادت تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

صحافي جي قتل واري واقعي خلاف سومر ڏهاڙي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

ايڌي جو اعلان

ايڌي عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جي رحيم يار خان کان ڪراچي منتقلي واري ايئر ايمبولينس جو خرچ واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.