جسٽس اطهر من الله خلاف رٿ: جج کي پراڪسي چوڻ جي جرئت ڪيئن ٿي؟ واوڊا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن پي ٽي آءِ جي ترجمان رئوف حسن تي حملي خلاف احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. سينيٽ اجلاس وقتي چيئرمين سيدال خان جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز معاملو اٿاريندو چيو ته  رئوف حسن کي حملو ڪري زخمي ڪيو ويو آهي، جنهن تي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ رد عمل ڏيندي چيو ته هي معاملو ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو، معاملي کي قانون موجب حل ڪرڻو پوندو جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ سينيٽر واڪ آئوٽ ڪري ايوان کان ٻاهر هليا ويا. سينيٽ جي اجلاس ۾ فيصل واوڊا "پراڪسي”چوڻ تي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله خلاف استحقاق جي رٿ پيش ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته مان پارليامينٽ ۽ پوري قوم کي هڪ پيج تي آندو آهي ۽ اڄ به آئين ۽ قانون جي بالادستي تي سڀ متحد آهيون. هن چيو ته مان پريس ڪانفرنس جي هر لفظ تي اڄ به قائم آهيان. جن تي توهين عدالت جا الزام هڻڻ گهرجن، انهن تي فرد جرم لاڳو ناهي ڪيو ويو. فيصل واوڊا چيو ته  جيڪڏهن پاڪستان ۾ نشاندهي ڪرڻ ڏوهه آهي ته مون کي ڦاهي ڏيو، ڇو ته مان اهو ڪندو رهندس. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ڀٽو صاحب کي ڦاسي ڏني وئي، پوءِ چيو ويو ته ڦاسي غلط هئي، جنهن غلط سزا ڏني انهن کي علامتي سزا ڏني وڃي ها ۽ هن جج جي پويان بيٺل آمر کي به علامتي سزا ڏني وڃي ها. انهن ججن نواز شريف کي سسلين مافيا قرار ڏئي اعليٰ عهدي تان هٽايو ۽ عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪئي. فيصل واوڊا اهو به چيو ته هڪ پارٽي نالو وٺي گاريون ڏئي ٿي پر سوشل ميڊيا تي تنقيد جي خوف سبب ان خلاف ڪارروائي نه ٿي، مون تي توهين عدالت جو الزام لڳايو ويو آهي، مان ثبوتن سان ايوان ۾ آيو آهيان، جج بابر ستار جي مقرري تي ان ڪري سوال اٿاريو ته هو ٻٽي شهريت رکي ٿو. هن چيو ته جج اطهر من الله مون تي  پراڪسي جو الزام لڳائي ٿو، هڪ جج کي ڪيئن جرئت ٿي ته هو منهنجي ايمانداري کي چئلينج ڪري. هن وڌيڪ چيو ته جسٽس محسن اختر ڪياني تي پنهنجا جونيئر اهڙا الزام لڳائي رهيا آهن، جيڪي اسان نٿا لڳائي سگهون، جيڪڏهن توهان انهن ڪارين رڍن کي ڪڍو ٿا ته معاملا هلي ويندا، ٻي صورت ۾ صورتحال اهڙي نه هوندي، مان هن ايوان آڏو هٿيار ڦٽا ڪيان ٿو. اجلاس ۾ ايراني صدر جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ موت تي تعزيتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته سينيٽر قرت العين مري شمسي توانائي صارفن تي ٽيڪس مڙهڻ جو معاملو اٿاري ڇڏيو، هن چيو ته ان قدم سان گرين انرجي جي استعمال جي حوصله شڪني ٿيندي، اسان جي ملڪ ۾ 16کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، هن چيو ته جڏهن بجلي جا ستايل ماڻهو سولر لڳائڻ ڏانهن وڃن ٿا ته سرڪار چوي ٿي ته اسان سولر تي به ٽيڪس لڳائي رهيا آهوين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.