ججن جي ٻٽي شهريت تي پابندي لاءِ بل قومي اسيمبلي ۾ جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ٻٽي شهريت رکندڙ شخص جي جج طور مقرري تي پابندي ۽ توهين عدالت قانون جي خاتمي لاءِ خانگي بل قومي  اسيمبليءَ ۾ جمع ڪرايا ويا. جي يو آءِ ف جي ميمبر نور عالم خان پاران قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايل پهرين بل موجب ٻٽي شهريت رکندڙ شخص کي سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر تي پابندي لڳائي وڃي. ڇو ته آئين تحت ججن جي رياست سان وفاداري کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ٻئي بل ۾ توهين عدالت قانون جي خاتمي جي تجويز ڏني وئي آهي، بل جي متن ۾ چيو ويو ته توھين عدالت قانون آئين موجب ناهي، اهو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ان کي رد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.